سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا

سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا

سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا

سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامور لسانياتي ماهر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو تحرير ڪيل آهي، ڪتاب کي ڪل تيرهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن: (1) زبان، معاشرو، انسان ۽ ثقافت، (2) ٻولي، ان جي ابتدا ۽ اوسر، (3) سنڌي ٻوليءَ جي ابتدائي اوسر ۽ عربن جي سنڌ تي حڪومت ۽ ابتدائي دور ۾ سنڌي زبان جي حيثيت، (5) سنڌي ٻوليءَ جي معياري حيثيت، (6) سنڌي ٻوليءَ جي اعليٰ معياري حيثيت، (7) شاهه لطيف جو زمانو، (8) سچل سرمست ۽ ساميءَ جو زمانو، (9) چؤ مورتيءَ واري زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، (10) پاڪستاني دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، (11) ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جدوجهد، (12) سنڌي ٻوليءَ جو موجوده مقام، (13) سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل ۽ ان لاءِ ڪي تجويزون. هر باب ۾ ڌار ڌار ننڍن عنوانن سان سنڌي ٻوليءَ جي ارتقائي تاريخ، سنڌي سماج ۾ ان جي واهپي، فروغ، استعمال ڪندڙ جاين، مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن جي بيان سميت سنڌي ٻوليءَ جي وهنوار، صوتي نظام، ودوان، شاعرن، عالمن، مشائخن، پهچ، پکيڙ، ديني ادب، لوڪ ادب ۽ انهن جي صنفن، ٻوليءَ جي سياسي حيثيت جي تسليمي لاءِ اٿيل تحريڪن، تعليمي نظام جي ضرورتن، حالتن ۽ ان جي سڌاري سميت ان جي واڌاري لاءِ تدبيرن وغيره تي مشتمل مواد لکيو ويو آهي. هر عنوان تي جامع ۽ سرسري انداز سان لکي سنڌي ٻوليءَ لاءِ قابل قدر ڪم ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي محسنن مرحومه سڪينه رمضان علي، سيٺ محب علي ۽ اعتمادي سلطان علي فدائيءَ کي ڪيو آهي، جن سندس پڙهائيءَ جا خرچ ڀريا، گھر ۾ رهايو، تربيت ڪئي ۽ پٽ ڪري نپايو. جنهن جي طفيل سنڌي ٻوليءَ کي هڪ فهم شناس عالم ميسر ٿيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل، تاريخي بناوٽ تي سائنسي طرز سان تحقيق عمل ۾ آئي. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 468 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ۽ نامور ناول نگار سراج الحق ميمڻ لکيو آهي، ڪتاب 2006ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


لفظ سنڌي ٻوليءَ جي ارتقاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو